شهر قائد ۾ ايندڙ 3 ڏينهن نسبتاً گرم ڏينهن ۽ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب شهر ۾ هوا ۾ نمي جو تناسب 40 کان 50 سيڪڙو هجڻ سبب گرمي جي شدت وڌيڪ محسوس ٿي سگهي ٿي. ڪراچي ۾ گرميءَ جي موسم ۾ سامونڊي هوائون بار بار بحال ٿي سگهن ٿيون. موسميات کاتي موجب اڄ قمبر، شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، ڪشمور ۽ شڪارپور ۾ تيز هوائن سان برسات ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته صوبي جي ٻين شهرن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.
Source link

ڪراچي ۾ گرمي ۽ نمي ۾ اضافو سبب شدت وڌيڪ محسوس ٿيڻ جو امڪان آهي
Leave a Comment Leave a Comment

