اسرائيلي فوج جي ترجمان چيو آهي ته اسرائيلي فوج هاءِ الرٽ تي آهي ۽ حڪومت طرفان حڪم ملندي ئي ايران خلاف آمريڪي فوج سان گڏ جنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جنگ بندي جي پهرين ڏينهن کان ئي تياريون جاري هيون ڇاڪاڻ ته اسرائيل ايراني وعدن تي ڀروسو نه ڪيو ۽ انهن کي رڳو حڪمت عملي طور ڏٺو.
ترجمان چيو ته ايراني قيادت جنگ ۾ وڃڻ کان اڳ ڪو به حساب ڪتاب نه ڪري رهي آهي. هوءَ غرور سان ائين ڪم ڪري رهي آهي ڄڻ هن جنگ کٽي ورتي هجي ۽ آمريڪا کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هجي.
اسرائيلي ترجمان جو چوڻ هو ته اسرائيل کي اميد آهي ته ايران بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو صبر ختم ٿي ويندو. اسرائيلي فوج آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ سان ويجهي رابطي ۾ آهي.


