بابر اعظم ۽ شاهين آفريدي جي پٽ وچ ۾ ميچ جي دلچسپ وڊيو وائرل ٿي وئي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ميچ کانپوءِ قومي ڪرڪيٽر بابر اعظم ۽ شاهين شاهه آفريدي جي پٽ علي يار وچ ۾ هڪ خوبصورت لمحو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو. تفصيل موجب پي ايس ايل جي ميچ ۾ ٻئي اسٽار رانديگر هڪ ٻئي سان آمهون سامهون هئا، ان موقعي تي شاهين آفريدي جي گهرواري به اسٽيڊيم ۾ موجود هئي. شاهين جو پٽ علييار به پنهنجي پيءُ جي حوصلا افزائي لاءِ ميدان تي موجود هو. ميچ جي پڄاڻي تي هڪ دلڪش منظر هو جڏهن بابر اعظم کي ننڍي علي يار سان کيڏندي ڏٺو ويو. علييار آفريدي پنهنجي پيءُ وانگر بالنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بابر کي بولڊ ڪيو، جنهن تي بابر اعظم مزاحيه انداز ۾ پاڻ کي ايل بي ڊبليو آئوٽ قرار ڏنو. https://www.facebook.com/reel/984358554058145/ هن خوشي واري لمحي ڪرڪيٽ جي مداحن جون دليون کٽي ورتيون ۽ وڊيو سوشل ميڊيا تي مشهور ٿي وئي. صارفين ان تي پيار سان تبصرو ڪيو ۽ ٻنهي ڪرڪيٽرن جي دوستانه ۽ خانداني انداز کي ساراهيو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment