مسافر جهازن جي ٻارڻ جي قيمت ۾ اضافو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



حڪومت مسافر جهازن جي ايندھن جي اگهن ۾ به واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب ڀاڙن ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي. ذريعن ايڪسپريس نيوز کي ٻڌايو ته حڪومت ڪمرشل اڏامن ۾ استعمال ٿيندڙ جيٽ فيول جي قيمت ۾ 13 رپيا 23 پئسا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب واڌ کانپوءِ جيٽ فيول جي نئين قيمت 251 رپيا 2 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ اوچتو واڌ سبب جيٽ فيول جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. ياد رهي ته حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ به واڌ ڪري ڇڏي آهي. حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 13 رپيا 18 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ في ليٽر قيمت 297 رپيا 53 پئسا مان وڌي 310 رپيا 71 پئسا ٿي وئي آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت 13 رپيا 80 پيسا واڌ کانپوءِ 309 رپيا 50 پيسا مان وڌائي 323 رپيا 30 پيسا ٿي وئي آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment