اٽڪ آئل ريفائنري کي تيل جي فراهمي هڪ ڏينهن جي بندش کانپوءِ بحال ٿي وئي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اٽڪ آئل ريفائنري کي تيل جي سپلاءِ هڪ ڏينهن جي بندش کانپوءِ بحال ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ريفائنري جو آپريشن معمول تي اچڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب پيٽروليم ڊويزن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن روڊ ٽرانسپورٽ جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته روڊ بند ٿيڻ ۽ آئل ٽينڪرز جي آمد و رفت معطل ٿيڻ سبب ريفائنري کي عارضي طور تي بند ڪيو ويو.

آفيسرن موجب ريفائنري جي مکيه يونٽ ۾ روزانو 32 هزار بيرل تيل ريفائن ڪرڻ جي گنجائش آهي ۽ بندش سبب خام تيل جي فراهمي ۽ تيار ٿيل شين جي ترسيل ٻنهي تي اثر پيو.

پرڏيهي وفدن جي آمد سبب آئل ٽينڪرز جي آمد و رفت به بند ٿي وئي، جنهن سبب سپلائي چين متاثر ٿيو. هن بند دوران پنجاب، خيبرپختونخواهه، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان کي تيل ۽ پيٽروليم شين جي فراهمي به متاثر ٿي.

ريفائنري پاور پلانٽس کي فرنس آئل پڻ فراهم ڪري ٿي، تنهنڪري سپلائي بحال ٿيڻ تي توانائي جي شعبي ۾ به بهتري اچڻ جي اميد آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment