آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي گيس جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي. اوگرا جي نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي گيس جي في ڪلو قيمت ۾ 4 رپيا 95 پيسا واڌ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ 11.8 ڪلوگرام جو گهريلو سلنڈر 58 رپيا 51 پيسا مهانگو ٿي ويو. جون لاءِ ايل پي جي سلينڊر جي قيمت 3 هزار 643 رپيا 41 پئسا ۽ ايل پي جي گيس جي في ڪلو قيمت 308 رپيا 76 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته نوان اگهه اڄ کان لاڳو ٿيندا.
Source link

ايل پي جي جي قيمتن ۾ واڌ، گهريلو سلينڊر مهانگو ٿي ويو
Leave a Comment Leave a Comment

