اسلام آباد:
وفاقي حڪومت پاڪستان عرب ريفائنري ڪمپني (پارڪو) جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ٻيهر جوڙجڪ ڪندي وفاقي وزير سميت اڪثر موجوده ڊائريڪٽرن کي ٽن سالن لاءِ برقرار رکيو آهي، جڏهن ته رڳو هڪ ميمبر کي بدلي ڪيو ويو آهي.
پارڪو جي 10 رڪني بورڊ ۾ پاڪستان کي 6 ڊائريڪٽرن کي نامزد ڪرڻ جو اختيار آهي، جڏهن ته يو اي اي جيڪو 40 سيڪڙو ڪمپني جو مالڪ آهي، کي 4 ڊائريڪٽرن کي نامزد ڪرڻ جو اختيار آهي.
وفاقي ڪابينا جي فيصلي موجب 22 گريڊ جي آفيسر ۽ پاڪستان ڪسٽم سروس جي ميمبر رباب سڪندر سلطان کي بورڊ ۾ شامل ڪيو ويو. سندس مڙس چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا به ماضي ۾ بورڊ جو حصو رهيو آهي.
نئين بورڊ ۾ سيڪريٽري پيٽروليم حامد يعقوب شيخ کي چيئرمين جڏهن ته سيڪريٽري فنانس امداد الله بوسال ايڪس آفيشل ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي.
اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما کي به ٽن سالن لاءِ بورڊ جو ورڪر مقرر ڪيو ويو، بورڊ جو ايندڙ اجلاس 2 جولاءِ تي آسٽريا جي شهر ويانا ۾ ٿيندو.
بورڊ جي نامزدگي ڪميٽي سيڪريٽري روينيو راشد لنگريال کي سندس سرڪاري عهدي تي مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي پر وزيراعظم آفيس کيس ذاتي حيثيت ۾ بورڊ جو ميمبر مقرر ڪيو آهي.
پارڪو پاڪستان جي انرجي سپلائي چين ۾ مکيه ۽ مربوط آئل ريفائننگ ڪمپني آهي، جنهن جو 60 سيڪڙو پاڪستان ۽ 40 سيڪڙو ابوظهبي پيٽروليم انويسٽمينٽ ڪمپني آهي.
ناڻي واري وزارت جي تازي رپورٽ موجب، پارڪ کي مالي سال 2024-25 ۾ سخت مالي دٻاءُ جو سامنا ٿيو، عالمي مارڪيٽ ۾ ريفائننگ مارجن ۾ گهٽتائي، درآمد ٿيل خام تيل تي انحصار، مٽاسٽا جي شرح ۾ گهٽتائي، اعليٰ مالي لاڳت ۽ گهٽ پيداواري ڪارڪردگيءَ سبب ڪمپني جي منافعي واري ڪارڪردگي متاثر ٿي.
رپورٽ موجب مالي سال 2025ع ۾ پارڪوڪ جو وڪرو 1.14 کرب رپين مان گهٽجي 965 ارب رپيا ٿي ويو جيڪو اٽڪل 15 سيڪڙو جي گهٽتائي آهي، جڏهن ته ٽيڪس کانپوءِ خالص منافعو 55.1 ارب رپين مان گهٽجي 22.2 ارب رپيا ٿي ويو، يعني منافعي ۾ اٽڪل 60 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گهٽ گهريلو گهرج، خاص طور تي ڊيزل ۽ فرنس آئل جي وڪرو، مالياتي لاڳت ۾ اضافو ڪمپني جي مالي ڪارڪردگي تي منفي اثر پيو، پر گڏيل منصوبن مان حاصل ٿيندڙ منافعي ڪنهن حد تائين مالي استحڪام کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪئي.


