حج دوران ناقص انتظام؛ پاڪستاني زائرين مذهبي معاملن واري وزير کي شڪايتون داخل ڪري ڇڏيون

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پاڪستاني حاجين حج 2026ع دوران ناقص انتظامن تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار يوسف کي شڪايتون داخل ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته ڪيس داخل ڪرڻ جو به اعلان ڪيو آهي. حاجين جو چوڻ هو ته حج لاءِ 12، 12 لک رپيا ڏنا ويا پر هتي انتظام ناقص آهن. زائرين جو چوڻ هو ته بسترو ٺيڪ نه آهي، ٽرانسپورٽ وقت تي نه اچي رهي آهي ۽ ناقص کاڌو ڏنو پيو وڃي، اسان کي هتي ڪو به آرام ناهي ۽ اسان کي بي حال ڪري ڇڏيو ويو آهي، اسان جي شڪايت ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي جڏهن ته ڪيترائي ڀيرا سڙيل کاڌو به مليو آهي. مذهبي معاملن واري وزير حج انتظامن بابت شڪايتن جي ازالي جو يقين ڏياريندي چيو ته هو ناقص انتظامن تي ڪارروائي ڪندا. حاجين سوال اٿاريو ته هاڻي توهان جي عمل مان ڪهڙو فائدو، توهان اڳ ۾ ايڪشن ڇو نه ورتو؟ وفاقي وزير جواب ڏنو ته اڳ اسان کي خبر نه هئي. حاجين شڪايت ڪئي ته سعودي عرب ۾ بيوروڪريسي حج انتظامن جي حوالي سان ڇا ڪري رهي آهي؟ اسان جيل ۾ آيا آهيون يا حج تي آيا آهيون. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان ان معاملي تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment