ڪراچي:
شهر قائد جي علائقي پاڪ ڪالوني ۾ حسن اوليا مڪي مسجد ڀرسان خانگي ڪلينڪ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو. پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي رهيو آهي.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته موٽرسائيڪل تي سوار 2 ڄڻا خانگي ڪلينڪ تي آيا، جتي هنن پهريان ناصر نالي هڪ شخص کان ڊاڪٽر بابت پڇا ڳاڇا ڪئي. ان دوران ڪلينڪ ۾ ٻه عورتون به موجود هيون.
پوليس موجب جوابدار ڪلينڪ ۾ موجود محمد علي نالي شخص کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ شروع ڪيو پر جڏهن مقتول مزاحمت ڪئي ته جوابدارن مٿس فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.
اکين ڏٺن شاهدن موجب فائرنگ کانپوءِ جوابدار مقتول جو لاش ڇڪي ڪلينڪ اندر اڇلائي فرار ٿي ويا. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو.
پوليس ۽ ڪرائم سيڪشن يونٽ واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن، جڏهن ته اکين ڏٺن شاهدن جا بيان به قلمبند ڪيا پيا وڃن.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن تي جاچ جاري آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائيون شروع ڪيون ويون آهن.


