ايران خلاف سازش ڪندڙن جو احتساب ڪيو ويندو: عباس عراقچي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


تهران:

ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سخت بيان ڏيندي چيو آهي ته جن به اسرائيل سان سهڪار ڪري ايران خلاف سازشون ڪيون انهن جو احتساب ڪيو ويندو.

عباس عراقچي چيو ته ايراني عوام جي خلاف دشمني وٺڻ هڪ بيوقوفي جوا آهي، دشمن قوتن سان گڏ بيٺل عناصر کي پنهنجي عمل جو جواب ڏيڻو پوندو.

هن چيو ته ايران سان دشمني لاءِ اسرائيل سان اتحاد ناقابل معافي عمل آهي جڏهن ته خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ جي ذميواري به انهن ئي قوتن تي عائد ٿئي ٿي جيڪي تڪرار جي فضا کي باهه ڏئي رهيون آهن.

ايراني پرڏيهي وزير آمريڪا تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته امن ڪوششن ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ واشنگٽن جو خطرو ۽ دٻاءُ وارو رويو آهي.

عباس عراقچي جو چوڻ هو ته ايران خطي ۾ استحڪام ۽ ڳالهين جو حامي آهي پر قومي سلامتي ۽ خودمختياري تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment