اسلام آباد:
پاڪستان يو اي اي کي 3 ارب ڊالر واپس ڪرڻ جا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن، 2 ارب ڊالر سڀاڻي 17 اپريل تي ڏنا ويندا.
ايڪسپريس نيوز موجب پاڪستان حڪومت معاشي استحڪام طرف اهم قدم کڻندي گڏيل عرب امارات کي 3 ارب ڊالرن جو قرض واپس ڪرڻ جا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اهي ادائگيون ايندڙ هفتي دوران مرحلن ۾ ڪيون وينديون، جون تائين اسٽيٽ بئنڪ جي ذخيرن کي 18 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ جي حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي، يو اي اي کي 2 ارب ڊالر 17 اپريل تي ادا ڪرڻ جو امڪان آهي، باقي هڪ ارب ڊالر 23 اپريل تي ادا ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان يو اي اي جو 30 سال پراڻو 450 ملين ڊالر جو قرض واپس ڪري ڇڏيو آهي، پر اهو خال سعودي عرب کان 3 ارب ڊالرن جي اضافي مالي سهولت سان ڀرجي ويندو، پاڪستان لاءِ سعودي عرب جي ذخيرن جو حجم وڌي 8 ارب ڊالر ٿي ويندو.
ذريعن ٻڌايو آهي ته ذخيرن کان علاوه پاڪستان کي موخر ٿيل ادائيگين تي تيل جي سهولت به ملڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته موجوده سعودي تيل جي هڪ ارب ڊالرن جي سهولت ختم ٿيڻ واري آهي.
سعودي عرب هن وقت پاڪستان کي هر مهيني 100 ملين ڊالر جي تيل جي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي، سعودي عرب کي هلندڙ مالي سال هڪ ارب ڊالر جي تيل جي سهولت فراهم ڪرڻ جو اندازو آهي، ايندڙ مهيني آءِ ايم ايف کان ايندڙ قسط ۾ 1.21 ارب ڊالر ملڻ جو امڪان آهي، آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوري کانپوءِ پاڪستان کي اها رقم ملندي.
آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ اسٽاف سطح تي معاهدو ٿي ويو آهي. پاڪستان هن سال ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ به بانڊ جاري ڪندو. چيني مارڪيٽ ۾ پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ تي به ڪم جاري آهي، جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن کان قرض وٺڻ جو به منصوبو آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت پاڪستان وٽ سعودي عرب، چين ۽ يو اي اي مان 12 ارب ڊالرز جا ذخيرا موجود آهن، جنهن ۾ سعودي عرب جا 5 ارب، چين کان 4 ارب ۽ يو اي اي جا 3 ارب ڊالر شامل آهن.


