آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته ايران جنگ مان نه نڪرندو جيستائين آمريڪا پنهنجا مقصد حاصل نه ڪندو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هدف حاصل ٿيڻ تائين آمريڪا ايران سان جاري جنگ مان نه نڪرندو. فلوريڊا ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي صدر ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن آمريڪا هاڻي تڪرار تان هٿ کڻي ويو ته ڪجهه سالن کانپوءِ ٻيهر مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو، ان ڪري ايران مقصد حاصل ڪرڻ تائين جنگ مان جلدي نٿو نڪري سگهي. آمريڪي صدر هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو ته ايران کي ايٽمي هٿيارن جي حصول جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته جيڪڏهن ايران کي نه روڪيو ويو ته اسرائيل ۽ يورپ کي سنگين خطرن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. پنهنجي خطاب ۾ صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته ايران جي بحري، هوائي فوج ۽ قيادت کي سخت نقصان پهتو آهي. هن چيو ته ايران جي اعليٰ قيادت هلي وئي آهي، جيتوڻيڪ اهو افسوسناڪ آهي، پر سندس چوڻ هو ته اهي عنصر خطرناڪ هئا. ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته هو ايران جي معاملي تي ايڪشن مڪمل ٿيڻ تائين وڌيڪ ڳالهائڻ نٿا چاهين ۽ اهو به ته اهي قدم ماضي جي آمريڪي صدرن کي کڻڻ گهرجن ها. آبنائي هرمز جي صورتحال جو ذڪر ڪندي هن چيو ته هن وقت تيل سان ڀريل 400 جهاز آهن ۽ جيڪڏهن اهو رستو کوليو ويو ته عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي اچي سگهي ٿي. صدر ٽرمپ واضح ڪيو ته آمريڪا تڪرار کي جلد ختم نه ڪندو ته جيئن مستقبل ۾ ٻيهر بحران پيدا نه ٿئي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment