آل پاڪستان گڊز مزدا اونرز ايسوسي ايشن جي صدر عديل عباسي ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت جو تيل جي قيمتن ۾ روزاني تبديلي ۽ اوچتو واڌ جو فيصلو ناجائز آهي.
هن چيو ته وفاقي حڪومت گڊز ٽرانسپورٽرن جو ڪاروبار تباهه ڪرڻ تي بيٺي آهي، جڏهن ته اها اشرافيه حڪومت آهي جنهن کي نه ته عام ماڻهو سمجهن ٿا ۽ نه ئي ڪاروبار سان لاڳاپيل ماڻهو.
عديل عباسي چيو ته 8 ڏينهن ۾ ڊيزل جي اگهه ۾ 42 رپيا واڌ گڊز ٽرانسپورٽرن جو معاشي قتل عام آهي، جنهن کي هو رد ڪن ٿا.
هن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪري ٻي صورت ۾ گڊز ٽرانسپورٽر پنهنجون گاڏيون پارڪ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا.


