ڊيزل وڌيڪ مهانگو، پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو گهٽتائي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پيٽروليم واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 28 جولاءِ لاءِ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 37 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي في ليٽر قيمت 3 رپيا 46 پئسا مان وڌي 386 رپيا 83 پيسا ٿي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ان جو اگهه 335 رپيا 18 پيسا مان گهٽجي 334 رپيا 18 پيسا ٿي ويو آهي.

اوگرا موجب نوان اگهه رات 12 وڳي کان 28 جولاءِ تائين لاڳو هوندا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment