وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نجڪاري بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نجڪاري جي عمل ۽ اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته خساري ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن جي نجڪاري حڪومت جي ترجيح آهي. هن هدايت ڪئي ته بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪيو وڃي ۽ سمورا قدم انتهائي شفاف طريقي سان مڪمل ڪيا وڃن. وزيراعظم اهو به چيو ته ڊسڪوز جي نجڪاري کانپوءِ مضبوط ريگيوليٽري فريم ورڪ ٺاهيو وڃي.
اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نجڪاري جي پهرين مرحلي ۾ اسلام آباد اليڪٽرڪ، گوجرانوالا، فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني جي نجڪاري ڪئي ويندي.
بريفنگ موجب انهن ٽن ڊسڪوز جي نجڪاري لاءِ ايڪسپريس آف انٽرسٽ قومي ۽ عالمي اخبارن ۾ جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪابينا جي نجڪاري ڪميٽي انهن جي ٽرانزيڪشن ڍانچي جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ لاءِ هن مهيني روڊ شو شروع ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته سعودي عرب، ترڪي ۽ چين جي سيڙپڪارن لاءِ عالمي سطح تي روڊ شو پڻ منعقد ڪيا پيا وڃن.
اجلاس ۾ ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري، نجڪاري بابت وزيراعظم جو صلاحڪار محمد علي، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.


