ڪمشنر ڪراچي سان ڳالهيون ڪامياب، اٽي جي ايڪسائيز قيمت ۾ 8 رپيا گهٽتائي جو فيصلو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه جي هدايتن تي ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي ۽ فلور ملز مالڪن وچ ۾ اٽي جي اگهه تي آچر تي ڪمشنر ڪراچي جي آفيس ۾ ڪامياب ڳالهيون ٿيون.

ڳالهين کانپوءِ فلور مل مالڪن اٽي جي ايڪس مل قيمت ۾ 8 رپيا في ڪلو گهٽتائي جو اعلان ڪيو، جنهن سان اٽي جي ايڪس مل قيمت 133 رپين مان گهٽجي 125 رپيا ٿي ويندي. ان فيصلي کانپوءِ اٽي جي هول سيل ۽ پرچون قيمت ۾ به گهٽتائي ٿي ويندي.

اجلاس ۾ پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالجنيد، وائيس چيئرمين پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن، اڳوڻي چيئرمين فلور ملز ايسوسيئيشن ۽ ٻين ميمبرن، فلور ملز مالڪن، سيڪريٽري فوڊ غلام عباس چيئرمين چيف منسٽر انسپيڪشن انڪوائري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي واري فيصلي تي فوري طور تي عمل ڪيو ويندو. ان موقعي تي ايسوسيئشن اعلان ڪيو ته فلور ملز مالڪن پاران شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ گهٽ اگهه تي اٽي جا منصفاڻي اسٽال پڻ لڳايا ويندا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment