سون جي عالمي ۽ مقامي قيمت ۾ اڄ مسلسل ٻئي ڏينهن به گهٽتائي ٿي آهي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سون جي اگهن ۾ اڄ مسلسل ٻئي ڏينهن به گهٽتائي ٿي آهي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ اربع تي سون جي قيمت ۾ 12 ڊالر في اونس گهٽتائي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ سون جي قيمت 4 هزار 766 ڊالر في اونس ٿي وئي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ جي اثر هيٺ مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ به سون جي قيمت ۾ 1200 رپيا في تولو گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ مقامي سطح تي سون جو نئون اگهه 4 لک 98 هزار 962 رپيا في تولو ٿي ويو آهي.

اهڙي طرح ملڪ ۾ سون جي في 10 گرام جي قيمت ۾ 1029 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 4 لک 27 هزار 779 رپيا ٿي وئي.

سون جي اگهن سان گڏوگڏ مقامي مارڪيٽ ۾ چاندي جي قيمت ۾ به گهٽتائي ٿي آهي. مارڪيٽ ۾ چاندي جو في تولو اگهه 34 رپين جي گهٽتائي سان 8 هزار 324 رپين جي سطح تي اچي ويو، جڏهن ته في 10 گرام چاندي جو اگهه به 29 رپيا گهٽتائي سان 7 هزار 136 رپين جي سطح تي پهچي ويو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ به گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي هئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment