وزيراعظم جي اعلان کانپوءِ توانائي واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
توانائي واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 74 رپيا 28 پيسا جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 67 رپيا 31 پيسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب تازي گهٽتائي کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 299 رپيا 50 پيسا جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 311 رپيا 47 پئسا ٿي وئي آهي.
توانائي واري وزارت موجب اگهه رات 12 وڳي کان هڪ هفتي تائين لاڳو ٿيندا.


