آءِ ايم ايف جو وفد نئين وفاقي بجيٽ تي ڳالهين لاءِ اڄ پاڪستان پهچندو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اسلام آباد:

نئين وفاقي بجيٽ تي ڳالهين لاءِ آءِ ايم ايف جو وفد اڄ پاڪستان پهچندو، جنهن کانپوءِ باضابطا ڳالهيون سڀاڻي شروع ٿينديون.

آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ بجيٽ ڳالهيون سڀاڻي شروع ٿينديون. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين وفاقي بجيٽ آءِ ايم ايف جي شرطن ۽ مشاورت سان تيار ڪرڻ جو امڪان آهي. ناڻي واري وزارت بجيٽ تجويزن ۽ سفارشن جي تياري کي تيز ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان ڳالهيون هڪ هفتي تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.

ڳالهين دوران ٽيڪس هدفن، ترقياتي خرچن ۽ مالياتي نظم و ضبط تي اهم ڳالهيون ٿينديون. ان کان علاوه حڪومتي خرچن ۽ بجيٽ خساري ۾ گهٽتائي جي تجويزن تي به غور ڪيو ويندو.

نئين مالي سال لاءِ ٽيڪس سڌارن تي آءِ ايم ايف سان به مشاورت ڪئي ويندي. ان دوران عالمي مالياتي اداري جي وفد سان معاشي مقصدن ۽ آمدني وڌائڻ تي ڳالهيون ٿينديون.





Source link

Share This Article
Leave a Comment