اسلام آباد: جعلي ڊگري تي نوڪري حاصل ڪندڙ 19 گريڊ جي آفيسر کي برطرف ڪيو ويو آهي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


جعلي ڊگري ذريعي سرڪاري نوڪري حاصل ڪندڙ 19 گريڊ جي آفيسر وسيم افضل وڑائچ کي عهدي تان برطرف ڪيو ويو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڊويزنل بينچ وسيم افضل وڑائچ جي انٽرا ڪورٽ اپيل رد ڪري ڇڏي.

1 جولاءِ 2026ع تي ڏنل فيصلي ۾ عدالت چيو ته وسيم افضل وڑائچ جعلسازي ۽ فراڊ جو ڏوهه آهي، هن بي اي ۽ ايم بي اي جون ڊگريون فراڊ سان حاصل ڪيون.

عدالت حڪم ڏنو ته ملازمت دوران حاصل ڪيل سموريون مراعتون واپس ڪيون وڃن، جڏهن ته ايف آءِ اي کي به هدايت ڪئي ته انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

فيصلي ۾ چيو ويو ته وسيم افضل جعلي ڊگري جي بنياد تي 1993ع ۾ ايس ايم اي بئنڪ ۾ نوڪري حاصل ڪئي ۽ 2009ع ۾ گولڊن هينڊ شيڪ اسڪيم تحت ادارو ڇڏيو.

بعد ۾ 2011ع ۾ پڻ جعلي سندن جي بنياد تي وزارت محنت ۽ افرادي قوت ۾ 19 گريڊ جي نوڪري حاصل ڪئي.

ياد رهي ته 2017 ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سندس ڊگرين کي جعلي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو هو.

عدالتي فيصلي جي روشني ۾ اوورسيز پاڪستانين واري وزارت وسيم افضل وڑائچ جي برطرفي ۽ استحقاق واپس وٺڻ جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ايف آءِ اي کي به سندس خلاف فوجداري ڪارروائي شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment