ڪراچي: شاهه فيصل ڪالوني مان ڪروڙين رپين جي ڦر ۾ ملوث پاپا گينگ جو سربراهه گرفتار

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


پاڪستان رينجرز (سنڌ) ڪراچي جي علائقي شاهه فيصل ڪالوني ۾ ڪارروايون ڪري ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث نعمان احمد عرف پاپا پٽ محمد ظهور احمد کي گرفتار ڪري ورتو.

گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 2 موبائيل فون ۽ 1 موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي. گرفتار جوابدار سندس ٻين ساٿين سان گڏ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ به ڦر، اسٽريٽ ڪرائم، فائرنگ، پوليس مقابلن، موٽرسائيڪلن ۽ موبائل فونن جي ڦر جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث آهن.

گرفتار جوابدار 200 کان 250 چورين، 40 کان 50 موٽرسائيڪلون، 300 کان 400 موبائيل فون ۽ 50 کان 6 ڪروڙ روپين جي ڦر جي وارداتن ۾ ملوث آهي. جوابدار موجب هو بفيلو ڪالوني ۾ پوليس سان مقابلي ۾ زخمي ٿي پيو ۽ شاهه فيصل ڪالوني ۾ پوليس مقابلي ۾ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

گرفتار جوابدار عادتي ڏوهاري آهي ۽ پنجاب ۾ به ڦر جي الزام ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي. ان کان علاوه گرفتار جوابدارن خلاف ڪراچي ۽ پنجاب جي ڪيترن ئي ٿاڻن ۾ مختلف قسمن جون ايف آءِ آرز داخل ٿيل آهن.

گرفتار جوابدارن جي ٻن ساٿين کي رينجرز گرفتار ڪري جيل موڪلي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن، گرفتار جوابدارن کي هٿ آيل سامان سميت وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment