ڪراچي کان پشاور ويندڙ رحمان بابا ايڪسپريس ۾ باهه لڳي وئي، هڪ ريلوي پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



ڪراچي کان پشاور ويندڙ رحمان بابا ايڪسپريس جي انجڻ ۾ لڳ ڀڳ 55 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي باهه لڳي وئي، باهه تي ضابطو آڻڻ دوران ڊيوٽي تي موجود ريلوي پوليس ڪراچي ڊويزن جو انسپيڪٽر مختيار مهر دونهون اونڌو ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو. ايڪسپريس نيوز موجب ڪراچي کان پشاور ويندڙ رحمان بابا ايڪسپريس جي انجڻ کي ڪراچي کان 55 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي گدر ۽ ڌاٻيجي اسٽيشنن جي وچ ۾ باهه لڳي وئي. ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته ريلوي پوليس ڪراچي ڊويزن جو انسپيڪٽر مختيار مهر جيڪو ڊيوٽي تي موجود هو ته باهه تي ضابطو آڻڻ دوران دونهن سبب سخت متاثر ٿي ويو، جنهن سبب سندس حالت انتهائي خراب ٿي وئي ۽ هو حياتي وڃائي ويٺو. ريلوي اختيارين موجب رحمان بابا ايڪسپريس جي انجڻ ۾ باهه لڳڻ تي ريلوي عملي فوري طور پيشيوراڻي مهارت جو مظاهرو ڪندي انجڻ کي باقي ٽرين کان ڌار ڪري ڇڏيو ۽ مقامي ماڻهو به بروقت ريلوي اختيارين جي مدد لاءِ پهچي ويا. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بروقت ڪارروائي ڪري باهه تي ضابطو آڻڻ جي نتيجي ۾ باهه پکڙجڻ کان بچائي وئي ۽ ٽرين ۾ سوار سمورا مسافر محفوظ رهيا. ريلوي اختيارين طرفان واقعي جي مڪمل جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، انجڻ ۾ باهه لڳڻ جا سبب رپورٽ اچڻ بعد ئي معلوم ٿيندا.



Source link

Share This Article
Leave a Comment