نئين خانگي پاڪستاني ايئر لائن سائوٿ ايئر پنهنجي پهرين ڏينهن جي فلائيٽ آپريشن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي.
سائوٿ ايئر 16 جولاءِ کان پنهنجون ڪمرشل اڏامون شروع ڪندي جنهن لاءِ پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي باضابطه اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ايئر لائن ٽڪيٽن جو وڪرو به شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ايئر لائن شروعاتي مرحلي ۾ ٻن جهازن سان هوائي آپريشن شروع ڪندي. چيف ڪمرشل آفيسر نشاط فاطمه موجب پهرين اڏام 16 جولاءِ تي ڪراچي کان تربت ۽ بهاولپور لاءِ رواني ٿيندي.
سي اي او نشاط فاطمه موجب افتتاحي ڏينهن سائوٿ ايئر جون ڪل 8 اڏامون هلنديون.


