الزري جوزف پاران پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز کيڏڻ کان انڪار تي سيمي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پاڪستان خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کان اڳ ويسٽ انڊيز کي وڏو نقصان پهتو آهي.

تفصيل موجب ويسٽ انڊيز جي اسٽار فاسٽ بالر الزاري جوزف ٽيم ۾ چونڊجڻ باوجود دستياب ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

جيتوڻيڪ ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز پنهنجي اسڪواڊ جو اعلان ذاتي سببن جو حوالو ڏيندي سندس غير موجودگيءَ جو سبب قرار ڏنو پر هيڊ ڪوچ ڊيرن سيمي واضح ڪيو آهي ته الزاري جوزف پنهنجي طور تي چونڊ قبول نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ڊيرن سيمي موجب الزاري جوزف تازو ئي انجري سبب واپس آيو هو ۽ کيس اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو هو پر بعد ۾ اڻڄاتل سببن جي ڪري راند تان دستبردار ٿي ويو.

ڪوچ چيو ته اهو معاملو سندس اختيار کان ٻاهر آهي ۽ بورڊ اختيارين ان حوالي سان فيصلو ڪندا.

پاڪستان خلاف سيريز ۾ ويسٽ انڊيز جي فاسٽ بالنگ اٽيڪ جي اڳواڻي ڪائونٽ جوزف، ڪيمار روچ، جيڊن سيلز، جسٽن گريوز ۽ ڪيمو پال ڪندا، جڏهن ته اسپن ڊپارٽمينٽ ۾ جميل وارن، جوشوا بشپ ۽ ڪپتان رسٽن چيس موجود هوندا.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ڇنڇر کان شروع ٿيندي جڏهن ته ٻي ميچ 2 آگسٽ کان پورٽ آف اسپين ۾ کيڏي ويندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment