اسلام آباد:
ايف بي آر انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ بابت اهم اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) اعلان ڪيو آهي ته ٽيڪس سال 2026 لاءِ انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جو عمل 27 جولاءِ کان شروع ٿيندو، ترجمان ٽيڪس ادا ڪندڙن کي هدايت ڪئي ته اهي ٽيڪس نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ پنهنجا ٽيڪس گوشوارا درست، مڪمل ۽ ايمانداري سان داخل ڪن.
ايف بي آر جي ترجمان موجب ٽيڪس ريٽرن ۾ ڏنل سموري معلومات صحيح ۽ حقيقت تي ٻڌل هجڻ گهرجن. هن چيو ته هر ٽيڪس ڏيندڙ کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته ريٽرن ۾ سمورا تفصيل حقيقتن تي ٻڌل آهن ته جيئن شفافيت ۽ درستگي برقرار رهي.
ايف بي آر جي ترجمان چيو ته بروقت ۽ درست ٽيڪس گوشوارا مضبوط ٽيڪس نظام قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته ٽيڪس ادا ڪندڙن جي اها ذميواري آهي ته اهي مقرر ڪيل طريقيڪار موجب وقت تي پنهنجا گوشوارا جمع ڪرائين ۽ معلومات جي درستي جو خاص خيال رکن.


