آزاد ڪشمير ۾ رابطا ڪميٽي امن قائم ڪرڻ جي سمورن دعوائن باوجود پرتشدد ڪاررواين ۾ مصروف آهي.
راولڪوٽ ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جي اهلڪارن فائرنگ ڪري ڊيوٽي تي موجود ڪيترن ئي سڪيورٽي اهلڪارن کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو.
سيڪيورٽي اهلڪار علائقي ۾ امن امان برقرار رکڻ ۽ عوام جي جان و مال جي تحفظ لاءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيا هئا.
شرپسند رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچندي ڪيترن ئي سيڪيورٽي اهلڪارن کي قتل ۽ زخمي ڪيو آهي.
ماهرن موجب نام نهاد ايڪشن ڪميٽيءَ جي پرتشدد ڪاررواين مان ظاهر آهي ته هي گروهه عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ بجاءِ اشتعال انگيز ايجنڊا ۾ مصروف آهي.


