بيلفاسٽ: اتر آئرلينڊ ۾ خوفناڪ چاقو جي حملي کانپوءِ شروع ٿيل فساد ٻئي ڏينهن به جاري رهيو، جتي پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ جهڙپ ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ۽ 16 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب اتر آئرلينڊ جي گادي واري هنڌ بيلفاسٽ ۾ سومر جي رات چاقو سان وحشياڻي حملي کانپوءِ ڇڪتاڻ وڌي وئي. واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد مختلف علائقن ۾ احتجاج شروع ٿي ويو جيڪو بعد ۾ پرتشدد ٿي ويو.
پوليس موجب 30 ورهين جي سوڊاني شهري کي چاقو سان قتل ڪرڻ جي الزام ۾ فرسٽ ڊگري قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو، جنهن بعد مظاهرين روڊن تي نڪري آيا. اربع جي رات نقاب پوش ماڻهن ڪيترن ئي هنڌن تي پوليس تي پيٽرول بم، سرون ۽ ٻيون شيون اڇلايون، جڏهن ته گاڏين ۽ ملڪيتن کي به باهه ڏني وئي.
اتر آئرلينڊ جي وزير هيلري بين فسادن جي سخت مذمت ڪئي، انهن کي ‘نسل پرست غنڊه گردي’ سڏيو. هن چيو ته رڳو چمڙي جي رنگ جي بنياد تي ماڻهن کي خوفزده ڪرڻ ۽ انهن کي گهرن مان ڪڍڻ ناقابل قبول آهي.
پوليس موجب، تازين جھڙپ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 12 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ٻن وڌيڪ ماڻهن تي فسادن ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.
ان دوران چاقو جي حملي ۾ زخمي ٿيل اسٽيفن اوگلوي جي حالت بهتر ٿي رهي آهي. سندس خاندان عوام کي اپيل ڪئي آهي ته واقعي کي جواز بڻائي تشدد ۽ نفرت کي فروغ نه ڏنو وڃي.
رپورٽن مطابق سڀ کان وڌيڪ فساد بيلفاسٽ جي پروٽسٽنٽ اڪثريت وارن علائقن ۾ ٿيا، جڏهن ته ڪيٿولڪ علائقن ۾ صورتحال نسبتاً پرامن رهي.
پوليس اهلڪارن جو چوڻ آهي ته انهن کي ڪو ثبوت نه مليو آهي ته حملا منظم پيرا ملٽري گروپ پاران ڪيا ويا آهن، پر انتهاپسند ۽ سوشل ميڊيا تي سرگرم انتهائي ساڄي ڌر جي عنصرن کي تڪرار ڀڙڪائڻ جو الزام لڳايو پيو وڃي.
اتر آئرلينڊ جي سڀ کان وڏي مسجد کي به سڪيورٽي خدشن سبب عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آفيسرن موجب ڊيوٽي تي موجود نرس کي هراسان ڪرڻ جون خبرون به سامهون آيون آهن.
سياسي اڳواڻن عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو امن امان برقرار رکن ۽ قانون هٿ ۾ نه وٺن.


