لاهور:
پنجاب ۾ رهندڙ ماڻهن جو واهپو هاڻي ختم ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته صوبائي حڪومت هڪ وڏي سهولت ختم ڪري ڇڏي آهي.
صوبائي حڪومت پنجاب ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ تي مفت سفر جي سهولت ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت مسافرن کي سڀاڻي کان سفر لاءِ باقاعده ٽڪيٽ وٺڻي پوندي.
پنجاب ماس ٽرانزٽ اٿارٽي (پي ايم اي) اختيارين موجب اورنج لائن ميٽرو ٽرين، ميٽرو بس، اسپيڊو بس ۽ ٻين سمورن پبلڪ ٽرانسپورٽ سروسز تي مفت سفر جي سهولت 13 جون کان ختم ٿي ويندي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته مفت سفر جي اها سهولت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ متعارف ڪرايو ويو هو پر هاڻي اها سهولت واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پي ايم اي اختيارين موجب 13 جون کان پوءِ اورنج لائن ميٽرو ٽرين، ميٽرو بس، اسپيڊو بس سميت سموريون پبلڪ ٽرانسپورٽ سروسز استعمال ڪندڙ مسافرن کي مقرر ڀاڙو ادا ڪرڻو پوندو ۽ ٽڪيٽون خريد ڪرڻيون پونديون.
آفيسرن واضح ڪيو آهي ته پنجاب ماس ٽرانزٽ اٿارٽي پاران هلندڙ سمورن ٽرانسپورٽ سروسز تي مفت سفر جي سهولت مقرر ڪيل تاريخ کان باضابطه طور تي بند ڪئي ويندي ۽ سمورا مسافر عام ڀاڙن موجب سفر ڪندا.


