حڪومت طرفان پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ جو سبب سامهون اچي ويو آهي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



حڪومت طرفان پيٽرول تي لاڳو ڪيل پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن سبب پيٽرول مهانگو ٿي ويو آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي شرح صفر تي رکي وئي آهي. حڪومت پيٽروليم شين تي پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي وڌائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پيٽرول تي ڊيولپمينٽ ليوي 80.61 رپيا في ليٽر مان وڌائي 107.38 رپيا في ليٽر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي شرح صفر رکي وئي آهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ايڇ او بي سي تي پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي 305.37 رپيا في ليٽر، گاسليٽ جو تيل 20.36 رپيا، لائيٽ ڊيزل آئل 15.84 رپيا ۽ فرنس آئل 77 رپيا في ليٽر آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پيٽرول تي ليوي نه وڌي وڃي ها ته پيٽرول جي اڳئين قيمت برقرار رهي ها. واضح رهي ته حڪومت ايندڙ هفتي لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 26 رپيا 77 پئسا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ پيٽرول جي قيمت 393 رپيا 33 پئسا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت 380 رپيا 19 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي. پيٽروليم واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته علائقائي ڇڪتاڻ سبب عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ٿي رهيو آهي، تيل جي اگهن ۾ واڌ ۽ عالمي ڀائيوارن سان معاهدن جي دٻاءَ سبب حڪومت کي تيل جي اگهن ۾ واڌ جو بار منتقل ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا.



Source link

Share This Article
Leave a Comment