مظفرآباد:
پ پ چيئرمين بلاول آزاد ڪشمير جي چونڊن دوران نڪيال ۾ ن ليگ ۽ پ پ وچ ۾ جهيڙي ۾ پيپلز پارٽي جي هڪ ڪارڪن جي مارجڻ جو ذميوار ن ليگ کي قرار ڏنو آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد ٿيل ڪارڪن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته سندس ڪارڪن مختار يونس مسلم ليگ (ن) جي اميدوار سردار عمير نعيم جي فائرنگ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري سوال اٿاريو ته ڪٿي آهن لاڳاپيل اختياريون ۽ اليڪشن ڪميشن؟ هن چيو ته ٻه ڏينهن اڳ سامهون آيل مبينا فائرنگ جي وڊيو جو جيڪڏهن نوٽيس ورتو وڃي ها ته اڄ قيمتي انساني جانيون ضايع نه ٿين ها.
هن چيو ته مختيار يونس پيپلزپارٽي جي اميدوار جاويد بڍويءَ سان ڀرپور چونڊ مهم هلائي رهيو آهي، مخالفن سندن ممڪنه شڪست ڏسي نفيس حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي.
ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان به نڪيال ۾ پولنگ دوران مختار يونس جي شهادت ۽ ٻن ڪارڪنن جي زخمي ٿيڻ جي سخت مذمت ڪندي واقعي کي انتهائي افسوسناڪ قرار ڏنو آهي.
هن الزام هڻندي چيو ته مسلم ليگ (ن) جي اميدوار تڪ ۾ خوف جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي ۽ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پرتشدد واقعن جي باوجود ڪو به عمل ناهي ڪيو ويو.
شيري رحمان اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي نوٽيس وٺي قاتلن کي گرفتار ڪري شفاف جاچ ڪرائي سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ چونڊ عمل کي هر صورت ۾ پرامن، شفاف ۽ غيرجانبدار بڻايو وڃي.
هن چيو ته سياسي اختلافن کي تشدد ۾ تبديل ڪرڻ وارن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪئي وڃي.
سينيٽر شيري رحمان ايل اي 8 ڪوٽلي ون راج محل جي ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشنن تي مبينا بي ضابطگين سبب ٻيهر پولنگ جو مطالبو پڻ ڪيو. هن الزام هنيو ته پيپلز پارٽي جي پولنگ ايجنٽ کي مبينا طور يرغمال بڻايو ويو، جڏهن ته پولنگ اسٽيشن 76، 77، 79 ۽ 91 کان 94 تائين مختلف شڪايتون مليون.
هن چيو ته وڌندڙ هجوم ۽ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اضافي پوليس ۽ سڪيورٽي فورسز کي مقرر ڪيو وڃي، سمورن شڪايتن جي غير جانبداري سان جاچ ڪئي وڃي ۽ ووٽرن کي پنهنجي ووٽ جو آزاد حق استعمال ڪرڻ لاءِ محفوظ ماحول فراهم ڪيو وڃي. شيري رحمان چيو ته شفاف چونڊ عمل کي يقيني بڻائڻ کانسواءِ چونڊ نتيجن تي عوام جو اعتماد بحال نٿو ٿي سگهي، ان ڪري اليڪشن ڪميشن کي فوري طور مداخلت ڪرڻ گهرجي.


