ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن آفيسر جي ڪمري لاءِ لکين رپين جي ماليت جو نئون فرنيچر خريد ڪيو ويو، سادگي واري مهم جي مبينا خلاف ورزي ڪئي وئي.
ذريعن موجب وڏي وزير جي سادگي واري مهم باوجود ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جي هڪ ايم او آر پنهنجي آفيس روم لاءِ لکين رپين جو نئون سامان خريد ڪري ورتو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سادگي واري پاليسي تحت نوان سامان خريد ڪرڻ تي پابندي آهي، ان باوجود مهانگي شين جو آرڊر ڏنو ويو، خريد ڪيل شين ۾ مهانگو صوفا، آفيس ٽيبل، ڪرسيون ۽ چانهه جون ٽيبلون شامل آهن، جڏهن ته ڪمري کي سينگارڻ لاءِ سائڊ ليمپ به خريد ڪيا ويا.
ذريعن موجب ماتحت عملو هي قيمتي سامان آفيس منتقل ڪري رهيو آهي، واقعي بابت لاڳاپيل اختيارين طرفان اڃا تائين ڪو به باضابطا موقف سامهون نه آيو آهي.


