پاڪستان سپر ليگ جي ٽيم ڪراچي ڪنگز جي اسڪواڊ ۾ اهم رانديگر جي واپسي ٿي وئي آهي.
تفصيل موجب ڪراچي ڪنگز پاڪستاني ليگ اسپنر زاهد محمود کي ايونٽ جي باقي ميچن لاءِ اسڪواڊ جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي.
خزيمه بن تنوير جي جاءِ تي زاهد محمود کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي، جيڪو تازو ئي يو اي اي جي شهريت ملڻ بعد يو اي اي اسڪواڊ جو باقاعده حصو بڻجي ويو آهي.
ڪراچي ڪنگز ڪجهه ڏينهن اڳ يو اي اي جي خزيمه بن تنوير ۽ محمد وسيم کي آزاد ڪيو هو.
محمد وسيم جي جاءِ تي انگلينڊ جي جيسن راءِ کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو.


