اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بينڪن کي حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي ته شهرين جا بئنڪ اڪائونٽس بنا جواز قانوني سببن جي بلاڪ يا منجمد نه ڪيا وڃن.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بئنڪ طرفان شهري جا اڪائونٽ پاڻمرادو بلاڪ ڪرڻ بابت ڪيس جي اين سي آءِ اي انڪوائري دوران ٻڌڻي ٿي، جنهن لاءِ جسٽس ارباب محمد طاهر 6 صفحن تي ٻڌل لکت وارو فيصلو جاري ڪيو.
لکت واري فيصلي موجب خانگي بئنڪ کي به هڪ ڪروڙ رپيا ڏنا ويا.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته بينڪ قانوني سببن کانسواءِ شهرين جا بئنڪ اڪائونٽ بلاڪ يا منجمد نٿا ڪري سگهن.
عدالتي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ مستقبل ۾ بنا سبب اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ سان شهرين کي متاثر ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ قدم کڻي، اسٽيٽ بئنڪ موجوده مسئلي کي ڏسندي سمورن بئنڪن کي هدايتون جاري ڪرڻ تي غور ڪري.
عدالت حڪم ڏنو ته احتياطي تدبيرن جي گائيڊ لائين واضح ڪئي وڃي ته قانوني جواز کانسواءِ بئنڪ اڪائونٽس جو استعمال روڪي نٿو سگهجي.


