لبنان کان تعلق رکندڙ حزب الله اسرائيل جي اترين علائقي ۾ ڊرون حملو ڪيو جنهن ۾ 3 اسرائيلي فوجي سخت زخمي ٿي پيا.
عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب حزب الله ڊرون حملي ۾ زخمي ٿيل 3 اسرائيلي فوجين مان هڪ جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.
اسرائيلي فوج جي ترجمان حزب الله جي حملي ۾ ٽن فوجين جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو ته هڪ جي حالت نازڪ آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل جي فضائي دفاعي نظام ڪيترن ئي راڪيٽن ۽ ڊرونز کي هدفن تائين پهچڻ کان اڳ ئي فضا ۾ تباهه ڪري ڇڏيو، پر هڪ ڊرون فوجي گاڏي تي ڪري پيو.
حزب الله جي حملي ۾ زخمي ٿيل اسرائيلي فوج جي اهلڪارن جي سڃاڻپ سندن گهرڀاتين کان اجازت وٺڻ بعد پڌري ڪئي ويندي.
ياد رهي ته گذريل ڪجهه هفتن ۾ حزب الله ڊرون حملن ۾ نمايان اضافو ڏٺو ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ اتر اسرائيل جي علائقي شوميرا ۾ ڊرون حملي ۾ 12 اسرائيلي فوجي زخمي ٿي پيا هئا.
لبنان جي صحت واري وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته مارچ 2026 کان جنگ جي نئين لهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2,700 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 8,400 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن.


