پيرس/جنيوا: انٽرنيشنل انرجي ايجنسي جي سربراهه فتح بيرول خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ نه ٿي ۽ آبنائے هرمز ذريعي تيل جي فراهمي معمول تي نه آئي ته عالمي توانائي جي سلامتي کي سخت خطرو ٿي سگهي ٿو.
عالمي ميڊيا رپورٽن مطابق ڪائونسل آن فارن رليشنز جي تقريب کي خطاب ڪندي فتح بيرول چيو ته تيل جي سڪيورٽي اڄ به دنيا لاءِ انتهائي اهم مسئلو آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ موجوده صورتحال بهتر نه ٿي ته سڄي دنيا کي خدشا ٿيڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته ان جا عالمي توانائي مارڪيٽ تي سنگين اثر پئجي سگهن ٿا.
آبنائے هرمز دنيا جي اهم ترين شپنگ لينن مان هڪ آهي، جنهن مان دنيا جي سامونڊي ڪچي تيل جو پنجون حصو گذري ٿو. تنهن ڪري، هن رستي ۾ ڪنهن به رڪاوٽ جو عالمي تيل جي قيمتن ۽ توانائي جي فراهمي تي سڌو اثر آهي.
آءِ اي جي سربراهه جو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا مسلسل ڇهين ڏينهن به ايران ۾ مختلف فوجي هدفن تي حملا ڪيا آهن. رپورٽن مطابق بندر عباس، احواز ۽ ايران سٽي سميت ڪيترن ئي علائقن کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته آمريڪا هڪ اهڙي ٻيڙي خلاف ڪارروائي جي دعويٰ به ڪئي جنهن تي ايراني بندرگاهن تي بحري پابنديون ٽوڙڻ جي ڪوشش جو الزام هو.
ٻئي طرف ايران آمريڪي اتحادي ملڪن ۾ آمريڪي فوجي تنصيبات کي ميزائل ۽ ڊرونز سان نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايراني اختيارين موجب ڪويت، بحرين ۽ اردن ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي حملا ڪيا ويا، جڏهن ته قطر ۾ به ڌماڪن جا اطلاع آهن.
ان دوران ايران آبنائے هرمز بند رکڻ جو فيصلو برقرار رکيو آهي. ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته آمريڪا جنگبندي جي حوالي سان مفاهمت جي ياداشت تي مڪمل عمل نه ڪيو ان ڪري صورتحال معمول تي نه اچي سگهي.
ايراني هٿياربند فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته آبنائي هرمز ايران ۽ عمان جي خودمختياري ۾ اچي ٿو ۽ آمريڪا سميت ڪنهن به پرڏيهي ملڪ کي ان ۾ مداخلت جو حق ناهي.
ٻئي طرف وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين ليويٽ چيو آهي ته تازو آمريڪي حملن جو سبب ايران طرفان مفاهمتي يادداشت جي ڀڃڪڙي آهي. سندس چوڻ هو ته ايران آبنائے هرمز مان گذرندڙ تجارتي جهازن کي نشانو بڻائي معاهدي جي شرطن جي ڀڃڪڙي ڪئي، جنهن کانپوءِ آمريڪا فوجي ڪارروائي ڪئي.
توانائي جي ماهرن موجب جيڪڏهن آبنائے هرمز ۾ ڇڪتاڻ برقرار رهي ۽ تيل جي سپلاءِ متاثر ٿيندي رهي ته نه رڳو خام تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو پر عالمي معيشت، مهانگائي ۽ توانائي سپلاءِ چين به سخت دٻاءُ ۾ اچي سگهي ٿو.


