افغانستان ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي عالمي تصديق

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


روس افغانستان ۾ عالمي دهشتگرد تنظيمن جي محفوظ پناهگاهن بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب روسي پرڏيهي وزارت هڪ ڀيرو ٻيهر افغانستان ۾ عالمي ۽ علائقائي دهشتگردن جي موجودگي بابت پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي آهي.

روسي سرڪاري نيوز ايجنسي ”ريا نووستي“ موجب روسي پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر پيتر ايلچيف وچ ايشيائي ملڪن جي 19 هين اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته افغانستان ۾ دهشتگردن جي موجودگي خطي خاص ڪري پاڙيسري ملڪن لاءِ سنگين خطرو بڻجي وئي آهي.

افغانستان ۾ 20 کان وڌيڪ دهشتگرد گروپ اڃا به سرگرم آهن. افغانستان ۾ دهشتگرد گروپن جي ويڙهاڪن جو انگ 23 هزار کان وڌي ويو آهي. افغانستان ۾ سرگرم دهشتگرد گروپن کي وڏي پئماني تي منشيات جي اسمگلنگ ۽ غيرقانوني هٿيارن جي واپار ذريعي مالي امداد ملي ٿي.

عالمي ماهرن موجب روسي پرڏيهي وزارت جو اهو بيان پاڪستان جي ان ڊگهي موقف کي ثابت ڪري ٿو ته افغانستان ۾ قائم ”نارڪو ٽيرر نيڪسس“ مڪمل طور تي سرگرم آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment