ٽرمپ ايران سان ڳالهين ۾ دير ڪري رهيو آهي، گڏيل قومن ۾ آمريڪي سفير

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



گڏيل قومن ۾ آمريڪي سفير مائيڪ والٽز چيو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي حملا بند ڪري ڳالهين جو موقعو ڏنو آهي. آمريڪي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ مائيڪ والٽز چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ سفارتڪاري جي گنجائش پيدا ڪرڻ لاءِ ايران تي حملا بند ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته هو ڳالهين لاءِ گنجائش ڏئي رهيا آهن ۽ ٿوري جاءِ ٺاهي رهيا آهن. آمريڪي سفير ڳالهين جي نوعيت بابت تفصيل نه ٻڌايو، پر آمريڪي صدر 13 ڏينهن جي لڳاتار آپريشن کانپوءِ پنهنجي فوج کي ايران تي حملا بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن جي جواب ۾ ايران به آپريشن بند ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ٽرمپ انتظاميه جي هڪ سينيئر اهلڪار جو چوڻ هو ته صدر هميشه واضح رهيو آهي ته سندس ترجيح سفارتڪاري آهي پر جيڪڏهن ايران سنجيدگي سان ڳالهين جي ميز تي نه آيو ته ان جا سخت نتيجا نڪرندا. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ بيان ۾ چيو ته هو سفارتڪاري کي هڪ موقعو ڏيڻ چاهي ٿو ۽ ايران پاڻ ڳالهين چاهي ٿو پر معاهدو نه ڪري رهيو آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment