ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهيون ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ ٻيهر شروع ٿيڻ جو امڪان آهي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ ٻيهر شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ موجب ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهيون ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ ٻيهر شروع ٿي سگهن ٿيون جنهن جو مقصد خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ممڪنه جنگ جي خطري کي روڪڻ آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته معاملي سان واقف ذريعن موجب، آمريڪا ۽ ايران ٻنهي ثالثن سان 14 نقطي مفاهمت جي ياداشت (ايم او يو) تي ڪم ڪري رهيا آهن. ان معاهدي تحت هڪ مهيني لاءِ ڳالهين جو فريم ورڪ طئي ڪيو ويندو. ذريعن موجب ڳالهين ۾ ايران جو ايٽمي پروگرام، آبنائے هرمز ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ ايران جي انتهائي افزوده يورينيم جي ذخيرن کي ٽئين ملڪ ڏانهن منتقل ڪرڻ جهڙا اهم معاملا شامل هوندا. جڏهن ته رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڪيترائي اهم نقطا اڃا حل نه ٿيا آهن، جن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو ايران تي لاڳو پابندين ۾ نرمي جو آهي، جيڪو ڳالهين جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿو. آمريڪي اخبار موجب جيڪڏهن ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿئي ٿي ته ٻنهي طرفن جي گڏيل رضامندي سان شروعاتي هڪ مهيني جي ڳالهين واري فريم ورڪ ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ان حوالي سان پهريون دور 11 اپريل تي اسلام آباد ۾ ٿيو هو، جنهن ۾ ڪو به حتمي معاهدو نه ٿي سگهيو هو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment