آمريڪي شاگرد فلسطين جي حمايت ۾ گوگل جي سي اي او جي تقرير دوران واڪ آئوٽ

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪيليفورنيا جي اسٽينفورڊ يونيورسٽي ۾ گوگل جي سي اي او سندر پيچائي جي تقرير دوران فلسطيني حامي شاگردن احتجاج ۾ واڪ آئوٽ ڪيو.

ميڊيا رپورٽن موجب شاگردن غزه جي صورتحال ۽ وڏي ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي ڪردار جي حوالي سان خدشن جو اظهار ڪيو.

اکين ڏٺن شاهدن موجب سندر پيچائي جيئن ئي شاگردن کي خطاب ڪرڻ شروع ڪيو ته شاگردن جو هڪ گروپ پنهنجي سيٽن تان اٿيو ۽ هال کان ٻاهر هلڻ لڳو. ڪجهه شاگردن فلسطيني جهنڊا ۽ احتجاجي بينر به کنيا، جڏهن ته ٻين خاموش احتجاجي واڪ آئوٽ کي ترجيح ڏني.

واڪ آئوٽ دوران ”جسٽس فار فلسطين“ ۽ ”جنگ بند ڪريو“ جا نعرا پڻ ٻڌا ويا.

احتجاج ڪندڙن دليل ڏنو ته عالمي ٽيڪنالاجي ڪمپنيون غزه ۾ جاري انساني بحران جي تناظر ۾ پنهنجي ڪاروبار ۽ حڪومتي ڀائيواري بابت وڌيڪ شفاف هجڻ گهرجن.

شاگردن مطالبو ڪيو ته يونيورسٽيون ۽ خانگي ادارا انساني حقن جي مسئلن تي واضح ۽ ذميواراڻي پاليسي اختيار ڪن.

واقعي جون وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي ويون، جتي صارفين شاگردن جي احتجاج کي اظهار جي آزادي جو مثال قرار ڏنو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment