وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران خلاف آمريڪا-اسرائيلي جنگ ٻيهر شروع ٿيڻ کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ برينٽ جي قيمت ۾ 6.7 سيڪڙو واڌ ۽ في بيرل قيمت 87.55 ڊالر جي سطح تي پهچي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عالمي سطح تي تيل جي فراهمي بابت خدشا وڌي رهيا آهن. عالمي مارڪيٽ ۾ هن مهيني جي شروعات ۾ برنٽ جي قيمت 72 ڊالر جي گهٽ سطح تي پهچي وئي، جڏهن ته غير يقيني صورتحال سبب گذريل هفتي قيمت 102 ڊالر في بيرل جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي. ان کان اڳ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت ۾ 3 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو ۽ برنٽ جي قيمت ۾ به 3.39 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو ۽ في بيرل قيمت 86.94 ڊالر تائين پهچي وئي.
Source link

وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ وڌيڪ اضافو
Leave a Comment Leave a Comment

