ڊفينس خيابان بخاري سي ويو ويجهو تيز رفتار ڊبل ڪيبن گاڏي ڪار سان ٽڪرائجي وئي حادثي جي سي سي ٽي وي فوٽيج منظرعام تي اچي وئي آهي. حادثو 2 ڏينهن اڳ پيش آيو هو جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار شخص فوت ٿي ويو هو جڏهن ته 2 نوجوان زخمي ٿي پيا هئا. سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته تيز رفتار ڊبل ڪيبن گاڏي جو ٽڪر لڳڻ سبب ڪار ڦاٽي پئي، جڏهن ته حادثي ۾ ڊبل ڪيبن گاڏي کي به نقصان پهتو. ڊرائيور ڊبل ڪيبن گاڏي سميت موقعي تان فرار ٿي ويو، جنهن کي سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ مختلف روڊن تان فرار ٿيندي به ڏٺو ويو. درخشان پوليس حادثي جو ڪيس داخل ڪري فرار ٿي ويل ڊرائيور جي ڳولا جاري آهي.
Source link

ڪراچي؛ سي ويو ويجهو ڊبل ڪيبن گاڏي جو ڪار کي ٽڪر، سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچي ويا
Leave a Comment Leave a Comment

