پابندي مڙهيل تنظيم سنڌو ديش ريپبلڪن آرمي سان تعلق رکندڙ انتهائي گهربل دهشتگرد عبدالجبار سرڪي ولد غلام رسول کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن گرفتار ڪري ورتو.
تفصيل موجب پاڪستان رينجرز (سنڌ) ۽ سي ٽي ڊي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم سنڌ ريپبلڪن آرمي سان تعلق رکندڙ انتهائي گهربل دهشتگرد عبدالجبار سرڪي ولد غلام رسول کي رينجرز چيڪ پوسٽ حب ريور روڊ رئيس گوڙ وٽان ڪوئيٽا کان ڪراچي ايندڙ ويندڙ دوران گرفتار ڪري ورتو. گرفتار دهشتگرد جي قبضي مان هٿيار، ڊيٽونيٽرز، بال بيرنگ ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.
گرفتار دهشتگرد 2020ع ۾ سنڌ ريپبلڪن آرمي جي ڪمانڊر سجاد شاهه جي گروپ ۾ شامل ٿيو هو، ڪمانڊر سجاد شاهه پنهنجي ساٿين سان گڏ ڪراچي ۽ اندرون سنڌ ۾ تخريبڪاري جي مختلف وارداتن ۾ ملوث آهي.
جون 2020ع ۾ گرفتار دهشتگرد پنهنجي ساٿي سان گڏ نيشنل هاءِ وي منزل پمپ ڀرسان رينجرز جي چوڪي تي دستي بم سان حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 مسافر زخمي ٿي پيا، جڏهن ته رينجرز چوڪي کي جزوي نقصان پهتو.
گرفتار دهشتگرد 14 آگسٽ جي موقعي تي دهشتگرد ڪارروايون ڪرڻ جي مقصد سان گلشن حديد ۾ آزادي اسٽال تي ڇاپو هنيو، گرفتار دهشتگرد جو نالو سي ٽي ڊي جي ريڊ بوڪ ۾ انتهائي گهربل دهشتگرد طور شامل آهي.
گرفتار دهشتگرد سنڌ ريپبلڪن آرمي جي ڪمانڊر سجاد شاهه سان پرڏيهه ۾ رابطي ۾ هو ۽ سندس ٻين ساٿين سان گڏجي ڪراچي جي حساس هنڌن تي دهشتگردي جي رٿابندي ڪري رهيو هو.


