محبت ۾ گرفتار ڪينيڊين عورت شادي ڪرڻ لاءِ پاڪستان پهچي وئي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


دير لوئر: ڪينيڊا جي ڇوڪري پاڪستاني شهري سان پيار ڪري شادي لاءِ پاڪستان پهچي وئي.

تفصيل موجب ڪينيڊا جي عورت ساره مشل لينا پنهنجي سوشل ميڊيا دوست کي فالو ڪري خيبرپختونخوا جي علائقي تيمر ڳڙهه دير لوئر پهتي جتي ٻنهي پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي.

ذريعن موجب ٻنهي جي وچ ۾ دوستي جي شروعات سوشل ميڊيا ذريعي ٿي، جيڪا وقت گذرڻ سان گڏ گهرا لاڳاپن ۾ تبديل ٿي وئي. بعد ۾ پرڏيهي عورت پاڪستان آئي ۽ ٻنهي پاڻ ۾ رضامندي سان شادي ڪئي.

دستاويزن موجب ساره مشيل لينا ڪينيڊين شهري آهي جنهن جي ڄم جي تاريخ 12 مئي 1989ع آهي، هن 6 مارچ 2026ع تي پاڪستان جي ويزا لاءِ درخواست ڏني، جنهن کانپوءِ کيس 10 مارچ 2026ع تي سياحتي/وزٽ ويزا جاري ڪيو ويو.

دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته هن کي 10 مارچ 2026 کان 9 جون 2026 تائين 90 ڏينهن جي سنگل انٽري ويزا ڏني وئي هئي.

رپورٽن مطابق پرڏيهي عورت ميڊيا سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، مقامي ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ علائقي جا رهواسي خوشگوار حيران ٿي ويا.

ياد رهي ته ماضي ۾ به پرڏيهي عورتن پاران پاڪستان اچڻ ۽ مقامي مردن سان شادي ڪرڻ جا ڪيترائي واقعا سامهون آيا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment