پرڏيهي سهولتڪارن پاران ڀتا خوري ۽ من پسند فتوائن جي انڪشاف هڪ وڏي دهشتگردي جي نيٽ ورڪ کي بي نقاب ڪيو.
مذهب جي آڙ ۾ مقامي ٻاهرين سهولتڪارن غير قانوني مدرسن ذريعي دهشت گردي جي فتويٰ ڏيڻ شروع ڪئي. گرفتار ڪيل خود ساخته مولوي ظفر ياب، جيڪو فتنا الخوارج جي سهولتڪار هو، ان جو تعلق جميعت علماءِ اسلام جي هڪ گروپ سان آهي، جنهن ۾ جامعه نظام العلوم بنون به شامل آهي.
گرفتار پرڏيهي سهولتڪار جي انڪشافن کانپوءِ نيشنل ايڪشن پلان تحت غير قانوني مدرسن کي ڊي جي آر اي جي دائري ۾ آڻڻ ناگزير ٿي ويو آهي.
خارجي سهولتڪار انڪشاف ڪيو آهي ته مون جامعه نظام العلوم ڊپارٽمينٽ آف يتيم خاني بنون شهر مان درس نظامي جا 8 سال ۽ المڪرز اسلامي غوري والا مان فقه ۾ 3 سال اسپيشلائيزيشن مڪمل ڪئي آهي.
گرفتار پرڏيهي سهولتڪار مفتي ظفرياب اعتراف ڪيو آهي ته هو پرڏيهي ڪمانڊر حکمت روشن جو سرگرم ساٿي ۽ گل بهادرشورا جو ميمبر هو. پرڏيهي ڪمانڊر مون کان غيرقانوني فتوا حاصل ڪندا هئا ته جيئن سرمائيدارن کي ڌمڪيون ڏئي ۽ جهاد جي نالي تي جبر وسي.
سهولتڪار موجب پرڏيهي ڪمانڊر حکمت روشن ان مقصد لاءِ مون سميت مختلف ماڻهن کي لالچ، عهدا ۽ مالي فائدا ڏيندو هو. مولوي ظفرياب چيو ته فتنا خوارج جو اسلام سان ڪو به تعلق ناهي، اهي غير اسلامي نظريا رکندڙ عنصر آهن جيڪي مسلمانن جي قتل عام کي به جواز بڻائي رهيا آهن.
ماهرن جي راءِ موجب گرفتار پرڏيهي سهولتڪار جي انڪشافن مان واضح ٿئي ٿو ته دهشتگرد غير قانوني مدرسن ۽ اتي موجود خود ساخته مفتين کي پنهنجي مذموم مقصدن لاءِ استعمال ڪندا آهن. وفاق المدارس العربيه (اتحاد المدرس) سميت پاڪستان جي سمورن ديني مدرسن جي نمائندن تنظيمن وچ ۾ غير قانوني مدرسن جي رجسٽريشن جو معاهدو 2019ع کان لاڳو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي حمايت کي روڪڻ لاءِ سمورن غير قانوني مدرسن ۽ انهن سان لاڳاپيل سياسي پارٽين جي شفاف جاچ ضروري آهي. پاڪستان ۾ مدرسن جي حڪومتي نگراني، نصاب جي هڪجهڙائي ۽ تعليم جي معيار کي بهتر بنائڻ وقت جي ضرورت آهي.


