آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر ايران کي پنهنجي روايتي انداز ۾ سخت فوجي ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني آهي.
اها نئين ڌمڪي آمريڪي صدر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي هڪ بيان ۾ ڏني. هن ايران کي خبردار ڪيو ته هو آبنائے هرمز تي حملو ڪرڻ کان پاسو ڪري.
آمريڪي صدر چيو ته جيڪڏهن ايران آبنائے هرمز ۾ ڪنهن ٻيڙي تي ميزائل، راڪيٽ، ڊرون يا ڪنهن ٻئي هٿيار سان حملو ڪيو ته آمريڪا جن سهولتن کي نشانو بڻائيندو انهن ۾ تهران جي ويجهو پل ۽ پاور پلانٽ به شامل هوندا.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن صدر ٽرمپ ايران کي خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن آبنائے هرمز ۾ جهازن جي گذرڻ ۾ رڪاوٽ وجهڻ، تجارتي جهازن تي حملا ڪرڻ يا سامونڊي لنگهه کي غير محفوظ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته آمريڪا فوري ۽ زبردستي جواب ڏيندو.
ڪالهه هڪ ٻئي بيان ۾ صدر ٽرمپ اهو به چيو ته آمريڪا جلد ئي ايران جي ايٽمي مرڪز نتنز جي جبل کي نشانو بڻائيندو، جتي ايران مبينا طور تي يورينيم جي افزودگي جا جديد سينٽريفيوجز منتقل ڪيا آهن.
آمريڪي صدر اهو به چيو ته آبنائي هرمز عالمي واپار لاءِ اهم رستو آهي ۽ ان ۾ بحري سفر جي آزادي ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.
ياد رهي ته آبنائے هرمز دنيا جي اهم سامونڊي لنگهن مان هڪ آهي، جنهن ذريعي تيل جو وڏو مقدار عالمي مارڪيٽن تائين پهچندو آهي، پر ايران هن آبي گذرگاهه کي بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب تيل جا اگهه آسمان تي پهچي ويا آهن.


