اسلام آباد:
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سهيل آفريدي جا گرفتاري وارنٽ برقرار رکيا ۽ پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 4 آڪٽوبر تي پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران پوليس اهلڪار جي شهادت واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران وڏي وزير سهيل آفريدي جا گرفتاري وارنٽ ٻيهر برقرار رکيا ويا. عدالت اڳوڻي اپوزيشن ليڊر عمر ايوب، عامر مغل، حفيظ الرحمان ۽ ٻين جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيڻ جو حڪم پڻ برقرار رکيو.
ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي پنهنجي حد تائين جاري رهي. استغاثه جي شاهدن جا بيان اڄ عدالت ۾ رڪارڊ ڪيا ويندا ۽ ٽرائل اڳتي وڌندو.
ياد رهي ته هي ڪيس 4 آڪٽوبر تي احتجاج دوران پوليس اهلڪار جي شهادت تي داخل ڪيو ويو هو. پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف اسلام آباد جي نون ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.


