پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان، ڊيزل 5 رپيا 71 پئسا مهانگو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي ايندڙ 24 ڪلاڪن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

ايڪسپريس نيوز موجب عالمي مارڪيٽ ۾ ڦيرڦار سبب اوگرا گذريل رات 12 وڳي تائين پيٽرول جي قيمت ۾ 35 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي، جنهن کانپوءِ قيمت 315 رپيا 80 پئسا في ليٽر ٿي وئي.

نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا 71 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ نئين قيمت 360 رپيا 6 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.

نوان اگهه سڀاڻي رات 12 وڳي کان رات 12 وڳي تائين لاڳو هوندا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment