پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسي ايشن 6 ڪلاڪن اندر هڙتال جو سڏ واپس ورتو.
پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسي ايشن جي وائيس چيئرمين طارق حسن هڙتال جو سڏ واپس وٺڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسان بنا ڪنهن دٻاءَ جو فيصلو واپس ورتو آهي.
هن چيو ته حڪومت جي خاطري تي پندرهن ڏينهن جي مهلت ڏئي رهيا آهيون. طارق حسن جو چوڻ هو ته اسلام آباد ۾ اونرز ۽ ڊيلرز ايسوسي ايشن جي نمائندن حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ ڊيلر جي مارجن ۽ روزاني قيمت جي مقرري جو مسئلو 15 ڏينهن اندر حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي.
واضح رهي ته پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسي ايشن طرفان ڪالهه صبح 6 وڳي کان ملڪ گير هڙتال جو اعلان ڪيو ويو هو.
ان کان اڳ پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسي ايشن جي چيف ايڊوائيزر ملڪ خدا بخش چيو ته اسان جون پيٽروليم واري وزير ۽ اوگرا جي چيئرمين سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿي چڪيون آهن پر پيٽروليم شين جون قيمتون روزاني جي بنياد تي مقرر ڪرڻ تي اتفاق ناهي ٿيو.
ملڪ خدا بخش جو چوڻ هو ته ڊيلرز جو مارجن 3 سالن کان نه وڌايو ويو آهي هاڻي ان کي وڌائي 8 سيڪڙو ڪيو وڃي، حڪومت پاليسي ٺاهڻ لاءِ ڊيلرز کي مشاورت ۾ شامل ڪري، ڪمپنين پاران پيٽرول جي الاٽمينٽ ختم ڪري ۽ پلاسٽڪ مني ذريعي فيس گهٽائي صفر ڪري.
ملڪ خدا بخش چيو ته پاليسي اجلاس ۾ اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪرڻ اسان جو حق آهي. چيئرمين اوگرا اسان کان 7 ڏينهن جي مهلت گهري پر اسان جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ان تي اتفاق نه ڪيو، اسان 55 سالن کان اها ايسوسيئيشن هلائي رهيا آهيون، اسان مارشل لا جو به تجربو ڪيو آهي ۽ ڄاڻون ٿا ته ملڪ جو نظام ڪيئن هلندو آهي.
هن چيو ته هڙتال جو فيصلو صلاح مشوري کانپوءِ ڪري رهيو آهيان. جيڪڏهن پيٽرول پمپس اونرز ايسوسي ايشن سان رابطو ڪيو ويندو ته ان جو فيصلو مئنيجنگ ڪميٽي ڪندي، اسان جي پنهنجي ايسوسيئيشن ۽ پنهنجو ايجنڊا آهي.
نائب صدر طارق حسن چيو ته ڪراچي ۾ 625 پيٽرول پمپ آهن ۽ سڄي سنڌ ۾ 3600 جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ 13 کان 14 هزار پيٽرول پمپ آهن.


