گرين پاڪستان انيشي ايٽو جي سهڪار سان بنجر زمينن کي پوک لائق بڻائڻ، هارين جي رهنمائي ڪرڻ ۽ زرعي ترقي کي هٿي وٺرائڻ جي عمل کي فروغ ڏنو پيو وڃي. محنتي نوجوان فارم جي مالڪ عاصم اعواڻ موجب ٻه سال اڳ مليل مڪمل بنجر زمين مان 80 سيڪڙو آبادي ٿي چڪي آهي، جتي ڪڻڪ، چنا ۽ ڪينولا پوکيا پيا وڃن. هن بنجر زمين مان پيدا ٿيندڙ پيداوار پاڪستان جي مارڪيٽن تائين پهچندي، اڄ جي درآمد کي سڀاڻي جي برآمدات ۾ تبديل ڪندي. هن چيو ته مون وٽ 100 ملازم نه پر 100 خاندان آهن جيڪي هن منصوبي ۾ شامل آهن، فصل جي پوک دوران 700 کان 800 جي لڳ ڀڳ مزدور ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن سان روزگار ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ ماڻهو خوشحال ٿي رهيا آهن. عاصم اعواڻ چيو ته جڏهن کان جي پي آءِ اسان کي زمين ڏني آهي، تڏهن کان سندن ٽيمون مسلسل اسان جي رهنمائي ۽ سهڪار ڪري رهيون آهن، سيٽلائيٽ ذريعي دنيا ۾ ايندڙ فصلن، ٻج ۽ نئين زرعي معلومات بابت اسان کي آگاهه ڪري رهيا آهيون. محنتي نوجوان فارم مالڪ جو چوڻ هو ته هي صرف هڪ فرد جي ڪاميابي نه پر پاڪستان جي ڪاميابي آهي، حڪومت جي هن قدم سان مستقبل ۾ ملڪ ۾ ڪا به زمين بنجر نه رهندي.
Source link

گرين پاڪستان انيشيٽو جي سهڪار سان بنجر زمينون آباد ڪيون ويون آهن، زرعي پيداوار ۽ روزگار ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي.
Leave a Comment Leave a Comment

