ڪراچي:
عالمي ۽ مقامي مارڪيٽ ۾ سون جي اگهن ۾ 5 ڏينهن جي وقفي کانپوءِ اڄ واڌ ٿي وئي.
عالمي بلين مارڪيٽ ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ 23 ڊالر في اونس جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سون جي نئين قيمت 4708 ڊالر في اونس ٿي وئي.
ٻئي طرف مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ 24 قيراط سون جي في تولو قيمت ۾ 2300 رپين جو اضافو ٿيو، جنهن بعد نئين قيمت 4 لک 93 هزار 162 رپيا في تولا جي سطح تي اچي وئي.
اهڙي طرح مقامي سطح تي سون جي في 10 گرام جو اگهه به 1971 رپيا وڌي 4 لک 22 هزار 806 رپيا ٿي ويو.
هوڏانهن مقامي مارڪيٽن ۾ چاندي جو في تولو اگهه 92 رپيا 8 هزار 49 رپيا ۽ في 10 گرام چاندي جو اگهه 79 رپيا وڌي 6 هزار 900 رپيا ٿي ويو آهي.


